SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


دهشت جو توازن


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


دهشت جو توازن

Balance of Terror

بئلنس آف ٽيرر

جڏهن ٻه ڌُريون هڪٻئي کي تباهه ڪرڻ جون ڌمڪيون يا دڙِڪا ڏينديون آهن، ته ان صورتحال کي بيان ڪندي هي اصطلاح ڪتب آندو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ ڌمڪين ڀري صورتحال منجهانئن ڪنهن به هڪ ڌُر لاءِ مڃڻ جوڳي نه هوندي آهي، ان هوندي به ٻنهي مان ڪا به ڌُر ڪنهن امڪاني يا اوچتي حملي يا اُن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ تباهيءَ جي امڪانن کي رد نه ڪندي، ڳڻتيءَ واري حالت ۾ رهندي آهي. ان ڳڻتيءَ واري حالت کي ختم ڪرڻ لاءِ ٻيءَ ڌُر جي آڏو به ساڳئي قسم جو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته جيئن ”دهشت يا ڏهڪاءُ جو توازن“ پيدا ڪري سگهجي. هيءُ اصطلاح ”ٿڌي ويڙهه“ وارن ڏينهن ۾ آمريڪا ۽ سوويت يونين ۾ نيوڪليائي برابري پيدا ڪرڻ جي حوالي سان ڪافي مشهور ٿيو. پر هي تصور بُنيادي طور”طاقت جي توازن“واري ويچار جو تسلسل آهي


Remember Me Also:

حساس

ذ. صفت. [ع. حَس = هن محسوس ڪيو] محسوس ڪندڙ ، ڇُهڻ سان معلوم ڪندڙ ، ٿوري ذري به محسوس ڪرڻ وارو ، سالم حواسن وارو. هوشيارُ ، داناءُ ، يڪدم اثر وٺڻ وارو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal